سخي داد واهي

سخي داد واهي (ماڳ): ضلعي نوشهري فيروز جي ٺارو شاهه شهر کان اولهه طرف 5 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي مٺياڻي ويندڙ رستي جي وٽ ۾ ۽ دليپوٽن کان اڀرندي طرف ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي درگاهه سخي داد واهي موجود آهي. درگاهه جي عاليشان عمارت بلند هئڻ سبب ڪافي پري کان نظر ايندي آهي. سخي داد واهيءَ جو اصل نالو شيخ دائود ولد پير آدم نوري ذات قريشي آهي، سخاوت سبب کين ’سخي‘ سڏيو ويندو هو. ’داد‘ سندس نالي دائود جو مخفف آهي، جڏهن ته ’واهي‘ درياهه مان وهندڙ نالي کي چئجي ٿو، جيڪو ان وقت خانقاهه ڀرسان وهندو هو، جتي ٻيڙيون اچي لنگر ڪنديون هيون. هي ڳوٺ جيڪو بزرگ سخي داد واهيءَ جي نالي سان منسوب آهي. آڳاٽي زماني ۾ واهيءَ سبب چانورن جي منڊيءَ طور سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هو، ٻيڙين ذريعي چانور ۽ ٻيو سامان هتان دور دراز علائقن ڏانهن پهچايو ويندو هو.
سندس مقبري ۾ ٽي مزارون آهن، جن مان وچين مزار دائود المعروف ’سخي داد واهيءَ‘ جي آهي، ساڄي پاسي کان سندس ڀاڻيجو احمد ۽ کاٻي پاسي کان سندس ڀائٽيو محمد مدفون آهن. درگاهه جي اتر ۾ هڪ عاليشان مسجد ۽ ڏکڻ ۾ هڪ مسافرخانو تعمير ٿيل آهي. درگاهه جي سامهون علم پاڪ جي ڪاٺيءَ بابت مشهور آهي ته هيءَ ڪاٺي درياهه مان لڙهي واهيءَ ۾ آئي ۽ هتي رُڪِي، جنهن کي 700 سالن کان به زياده عرصو گذري چڪو آهي، تڏهن به بيروني اثرات کان محفوظ ۽ مضبوط آهي.


لفظ سخي داد واهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو